ديپڪ آشا

ديپڪ آشا: سنڌي ٻولي جي ناليواري ليکڪ، سماج سڌارڪ، فلمساز ۽ موسيقار ديپڪ آشا جو اصل نالو ڌرم ڪمار تولاڻي هو. سندس جنم 26 نومبر 1919ع تي ٽنڊي آدم، سنڌ ۾ ٿيو. هن سنڌي ٽي درجا تعليم حاصل ڪئي. ورهاڱي دوران ٻين سنڌي هندو خاندانن وانگر ديپڪ آشا به پنهنجي خاندان سميت هندستان ويو ۽ مستقل طور بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ورهاڱي سبب هندستان پهچندڙ سنڌي هندن شروعاتي ڏهاڙن ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون سٺيون. کين مهاجر ٿي ڪئمپن ۾ رهڻو پيو ۽ پيٽ پالنا لاءِ مزدوري به ڪيائين. ديپڪ آشا به ان وقت ڪئمپ ۾ رهيو، جتي هو سنڌي ڪميونٽيءَ جي ماڻهن جا ڏک سور ونڊيندو هو. مادر وطن سنڌ ڇڏڻ کانپوءِ سنڌي ماڻهن جي انتهائي مايوسيءَ واري حالت کي ڏسي کين آٿت ڏيندو هو ۽ همت افزائي ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن هر قسم جي مدد ڪندو هو. هن سنڌين جي انهيءَ غم ۽ گوندر کي گهٽائڻ لاءِ ڳائيندڙن جي هڪ منڊلي ٺاهي، جنهن ۾ مرد توڙي عورتون شامل هئا. ديپڪ آشا ان منڊلي لاءِ انقلابي ۽ حب الوطنيءَ جا گيت ڪمپوز ڪيا، جيڪي ان وقت بمبئي ۽ آس پاس جي سنڌي مهاجر ڪئمپن ۾ ڳايا ويندا هئا، جنهن ڪري هن انهن ماڻهن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي. ديپڪ آشا راڳ ۽ موسيقي ۾ پروفيسر رام پنجواڻيءَ سان به سنگت ڪئي ۽ هندستان ۾ جتي جتي به سنڌي هندو رهندا هئا، هن انهن سڀني علائقن جو سفر ڪيو ۽ پنهنجي صوفياڻي ڪلامن جي راڳ ۽ موسيقيءَ جي ذريعي انهن سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي ورتائين. هن سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ سنڌ سان وڇڙڻ واري صدمي ۽ سندن مشڪلاتن کي دور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ انهن ۾ نئين سر زندگي جيئڻ جو روح ڦوڪيائين، جنهن ۾ هو ڪامياب ويو. هو نو آبادياتي ڪئمپن ۾ رهيل سنڌي ماڻهن سان پيش ايندڙ مسئلن جو جائزو وٺندو هو ۽ سندن مسئلا حل ڪرائيندو هو. ان حوالي سان هن سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سنڌي سنسار‘ نالي مخزن به جاري ڪئي، جنهن ۾ سنڌي جاتيءَ جي ماڻهن سان پيش ايندڙ واقعن ۽ مسئلن جو ذڪر ڪيو ويندو هو ۽ ان سان گڏوگڏ هن رسالي ذريعي سنڌي ماڻهن کي اتساهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ديپڪ آشا جو ڪردار نهايت ئي پرڪشش، جاذب ۽ موهيندڙ رهيو، هو اعليٰ ظرف وارو انسان ۽ همدرد هو، جنهن ڪري ماڻهو کيس تمام گهڻو چاهيندا هئا. ديپڪ آشا ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر به هو. هن فلم انڊسٽري قائم ڪئي، جيڪو ان دؤر ۾ نهايت ئي وڏو ڪم هو. هن هندي ۽ سنڌي ٻنهي ٻولين ۾ فلمون ٺاهيائين، هن ڪيتريون ئي سنڌي فلمون ٺاهيون جن جو پس منظر حب الوطني، مذهبي ڪهاڻيون، سماج سڌارڪ ۽ عورتن جي سجاڳي هو. سندس پهرين فلم ’اباڻا‘ مادر وطن سنڌ سان محبت جو مثال آهي، جيڪا 1958ع ۾ رليز ٿي هئي. جنهن بعد ”انصاف ڪٿي آهي“ 1960ع، ’جهولي لعل‘ 1964ع، ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ 1969ع ۽ ’اڃا ته ائٽ مان ننڍڙي آهيان‘ 1970 ۾ رليز ٿيون. سندس ٺاهيل سنڌي فلمن کي تمام گهڻي موٽ ملي ۽ ڪامياب ويون ۽ اهڙي طرح هندي فلمن جي ڪاميابي بعد هو فلمسازيءَ جي دنيا جو بادشاهه بنجي ويو. هن هندستان ۾ سنڌي ماڻهن جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو. ديپڪ آشا 28 جولاءِ 1993ع تي پرلوڪ پڌاري ويو.


لفظ ديپڪ آشاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.11.26  عيسوي

ديپڪ آشا جو جنم 26 نومبر 1919ع تي ٽنڊي آدم، سنڌ ۾ ٿيو.


1993.07.28  عيسوي

. ديپڪ آشا 28 جولاءِ 1993ع تي پرلوڪ پڌاري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالقاسم نمڪين
حاجي عبدالله هارون
ٿڌاڻي هوتچند
ابراهيم شاهه وڄڙي
عبدالتواب خان ڊاڪٽر
جمشيد انصاري
بشير احمد شاد ڊاڪٽر
حميره علواڻي
دوستو وسڪي
سيد اسماعيل شاهه شاهڪپور وارو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون